ٽه ٽڻ راند

ٽه-ٽڻ راند: هيءَ راند نهايت آسان آهي ۽ ننڍا ٻار ڇوڪرا خواه ڇوڪريون به ڪن. هن ۾ ٻن رانديگرن کي حصو وٺڻو پوندو آهي ۽ هر هڪ ٽي ساريون کڻندو آهي. راند جو نمونو ساڳيو نو ٽڻ وارو هوندو آهي. مگر راند ڪرڻ جو طريقو نوٽڻ کان الڳ ۽ سادو هوندو آهي. هن راند ۾ به ٻه ٽڻ يا ٻيگھي مچي سگھندي آهي. پوءِ جنهنجي ٻيگھي مچي، تنهن کٽيو. هن راند لاءِ نقشو هن طرح ٺاهبو آهي؛ هڪ چوڪنڊي شڪل ڪڍي ان جي پاسن کي وچ مان آرپار ڪندڙ ليڪن سان ملائبو آهي ۽ سندس ڪنڊون به اريبن سان ملائبيون آهن. اهڙيءَ طرح انهيءَ نقشي ۾ اٺ ٽڪنڊا ٺهي پوندا آهن. پوءِ ساريون اهڙن هنڌن تي ڦيرائبيون ۽ رکبيون رهبيون آهن، جن ٽٻڪن تي ڪپندڙ ليڪون پاسن يا ڪنڊن تي اچي ٿيون ملن. هن راند ۾ نوٽيڻي راند وانگر ذهن کي چڱي ورزش ملندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو